اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وزير صوابي ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جمال الدين ۽ زاهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن شهادت جو اعليٰ درجو حاصل ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا پوليس جي بهادر سپوتن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون ضايع نه وينديون.