واشنگٽن – 22 جون (اي پي پي) آمريڪا به ايران تي اسرائيلي حملن ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ان ايران ۾ ٽن هنڌن تي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته انهن حملن ۾ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽيلي ويزن تي قوم کي خطاب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران کي هاڻي امن قائم ڪرڻ گهرجي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوج ٽن ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي تمام ڪامياب حملو ڪيو آهي، جن ۾ فور ڊو جي يورينيم رچاءُ جي زمين هيٺ سهولت به شامل آهي. ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسان ايران ۾ ٽن نيوڪليئر سائٽس تي پنهنجو انتهائي ڪامياب حملو مڪمل ڪري ورتو آهي، جن ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان شامل آهي. فردو جي اهم سائٽ تي بمبز جو مڪمل پي لوڏ ڪيرايو ويو آهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته حملي کانپوءِ سمورا آمريڪي جهاز حفاظت سان واپس پهچي ويا آهن، هن عظيم آمريڪي فوجين کي مبارڪون به ڏنيون آهن. ٽرمپ جو اهو اعلان رڳو ٻن ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي جڏهن هن چيو هو ته ٻه هفتن اندر فيصلو ڪنداسين ته ڇا ايران تي حملي ۾ اسرائيل جهڙي اهم اتحادي جو ساٿ ڏيڻو آهي يا نه. آمريڪا ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن حملن کي تمام گهڻو ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن ۾ حصو وٺڻ وارا آمريڪي جهاز حفاظت سان واپسي جي سفر تي روانو ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا پنهنجن حملن ۾ فردو، نطانز ۽ اصفهان ۾ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هاڻي امن قائم ڪرڻ جو وقت آهي ۽ ايران ان جنگ کي ختم ڪرڻ تي رضامند ٿي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن ۾ زمين ۾ 200 فوٽ جي اونهائي تائين مار ڪندڙ 30 هزار پائونڊ وزني بنڪر بسٽر بمن جي بي يو 56 جو استعمال ڪيو ويو ۽ اهي بم ڪيرائڻ لاءِ بي-2 سپيرٽ نالي جهاز استعمال ڪيا ويا.