اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) پاڪستان اسپورٽس بورڊ چيز فيڊريشن ۾ چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان اسپورٽس بورڊ واضع ڪيو آهي ته چيز فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل عمران خان پاران چيز فيڊريشن جي نائب صدر جي سيٽ خالي ٿيڻ تي چونڊ ڪرائڻ لاءِ ريڪوزيشن اسپورٽس بورڊ جي اليڪشن ڪميشن پاران هڪ سيٽ لاءِ چونڊ ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪندي واضع ڪيو آهي ته فيڊريشن ۾ اختلاف يا ٻيا مسئلا فيڊريشن جو اندروني معاملو آهي . چونڊ عمل پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي 2022 جي آئين ، قومي اسپورٽس پاليسي 2025 ، اسپورٽس اليڪشن ريگوليشنز 2024 ۽ چيز فيڊريشن آف پاڪستان جي آئين موجب منعقد ڪئي پئي وڃي.