اسلام آباد-22 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان طرفان ايران جي خودمختياري خلاف جاري اسرائيلي اڳرائي جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪندي اسرائيل جي ناجائز قدمن جي احتساب جو مطالبو ڪيو آهي. استنبول ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 51 هين اجلاس جي موقعي تي ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان، ايران خلاف اسرائيل جي بنا جواز ۽ ناجائز اڳرائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اسرائيل طرفان شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي جانين جي نقصان تي تعزيت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائي اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي پنهنجي تصديق جو عمل جاري رکيو پئي اچي. اسرائيل آءِ اي اي اي جي محفوظ اثاثن تي حملو ڪري عالمي قانونن ۽ آءِ اي اِي اي جي ڪيترن ئي قانونن ۽ قراردادن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته انهن حملن هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪرڻ ۽ خطي ۽ دنيا ۾ شهري آبادين جي تحفظ کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بنا جواز اسرائيلي اڳرائي جي جواب ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي بچاءُ جي ايران جي بنيادي حق جو مڪمل حمايت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو ٻٽو معيار پوري طرح ظاهر آهي. اسرائيل جي باري ۾ قانون جي حڪمراني، قانونن تي ٻڌل عالمي آرڊرز يا غير قانوني قدمن جي نتيجن جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي وئي، هي ڇوٽ ختم ٿيڻ گهرجي. هن زور ڀريندي چيو ته ان کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي ڪو ڌار واقعو ناهي، هي عسڪريت پسندي جو هڪ خطرناڪ ۽ مستقل نموني جو حصو آهي جنهن جو اسرائيل پوري وچ اوڀر ۾ مظاهرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي اڳرائي نه رڳو خطي پر سڄي دنيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي. اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان ايران جي درخواست تي پاڪستان ايران خلاف اسرائيلي اڳرائي تي ڳالهين لاءِ گذريل هفتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي اڳرائي جي خاتمي لاءِ فوري طور قدم کڻي، پر بدقسمتي سان ڪائونسل لاڳيتو مفلوج آهي جنهن تي هن افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران بابت ڪيترن ئي ٻين قدمن جي به پڻ حمايت ڪئي جنهن ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان گڏوگڏ SCO ۽ IAEA ۾ وڃڻ واري حمايت به شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران جي ايٽمي مسئلي جي پرامن ذريعن، سفارتي رابطن ۽ پائيدار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حمايت ڪريون ٿا. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي اجلاس نه رڳو ڀاءُ ملڪ ايران جي پختي حمايت کي ورجائيندو پر هي واضح پيغام ڏيندو به اسرائيل کي جوابدار هجڻ گهرجي ۽ لاپرواهي، اڳرائي سان علائقائي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.