ميلبورن- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي ) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ جو 14 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ليگ ۾ اربع 18 ڊسمبر تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو . ليگ جي چوٿين ميچ ميلبورن اسٽارز ۽ دفاعي چيمپئن برسبين هيٽ جي ٽيمن وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سي جي) ميلبورن ۾ کيڏي ويندي . بگ بيش ليگ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. برسبين هيٽ جي ٽيم ليگ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي.