اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024ع جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا راولپنڊي ۾ جاري آهن. ڊولفنز ۽ مارخور وچ ۾ چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024 ۾ اربع ڏينهن واحد ميچ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ جا دلچسپ مقابلا راولپنڊي ۾ جاري آهن . چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024 ع ۾ ڊولفنز ۽ مارخوز وچ ۾ واحد ميچ اربع ڏينهن کيڏي ويندي. اها چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024ع جي 15هين ميچ هوندي. ڊولفنز کي بهترين آل رائونڊر فهيم اشرف ليڊ ڪري رهيو آهي. ڊولفنز جي ٽيم هن وقت تائين ڪا به ميچ ناهي کٽي سگهي، ڊولفنز جي ٽيم 5 ميچون کيڏي چڪي آهي. مارخور جي اڳواڻي افتخار احمد ڪري رهيو آهي، مارخور هاڻي تائين 5 ميچن مان 4 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. چيمپئينز ٽي – 20 ڪپ 2024ع جو فائينل 25 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو.