هيملٽن- 17 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي هيملٽن ٽيسٽ ميچ ۾ 423 رنسن تان هارائي ڇڏيو، ڪيويز طرفان مليل 658 رنسن جي هدف پٺيان انگلينڊ جي سڄي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 234 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٽن ميچن جي سيريز 2-1 تان انگلينڊ جي نالي رهي، نيوزيلينڊ جي مچل سينٽنر کي ميچ جو جڏهن ته انگلينڊ جي هيري بروڪ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.