جميڪا _ 13 ڊسمبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 15 ڊسمبر تي آرنوس ويل گرائونڊ، ڪنگسٽن ٽائون، سينٽ ونسنٽ ۾ پهرين ميچ سان ٿيندي. بنگلاديش جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي ان کي ميزبان ٽيم خلاف ٻن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان علاوه 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز پڻ کيڏڻي آهي. 2 ٽيسٽ ميچ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ٿي وئي هئي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم مهمان بنگلاديشي ٽيم کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 3-0 تان وائٽ واش ڪري ڇڏيو هو. ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان اسڪواڊ جي قيادت رومين پائول ڪندو جڏهن ته مهمان بنگلاديشي ٽيم کي لٽن داس ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 15 ڊسمبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي. ٻئين ٽي ٽوئنٽي 17 ڊسمبر تي جڏهن ته آخري ميچ 19 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.