ميڊرڊ-13 ڊسمبر (اي پي پي) هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا ۾ ڇنڇر 4 ڊسمبر تي وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي. پهرين ميچ ريال ويلاڊولڊ ۽ ويلنشيا جي ٽيمن وچ ۾ اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٻين ميچ اسپينيوئلا ۽ اوساسونا جي ٽيمن وچ ۾ بارسلونا، اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٽين ميچ ۾ ميلورڪا ۽ گيرونا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ اسٽاڊي ميلورڪاسون موڪس، پالماڊي ميلورڪا، اسپين ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ ۾ سيويلا ۽ سيلٽاويلو جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ سويلا ۾ کيڏي ويندي.