اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي انتظام هيٺ چيمپئينز ٽي 20 ڪپ 2024 جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا راولپنڊي ۾ جاري آهن . چيمپئينز ٽي 20 ڪپ 2024 ۾ اڄ ڇنڇر ڏينهن هڪ ڏينهن آرام کانپوءِ 15 ڊسمبر تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو . پهرين ميچ اي بي ايل اسٽالينز ۽ سٽي پينٿرز جڏهن ته ٻي ميچ نور پورلائينز ۽ يو ايم ٽي مارخوز وچ ۾ کيڏي ويندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) جي انتظام هيٺ چيمپئينز ٽي 20 ڪپ جا دلچسپ مقابلا راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري آهن. ميگا ايونٽ جي يارهين ميچ 15 ڊسمبر تي اي بي ايل اسٽالينز ۽ سٽي پينٿرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي سٽالز جي ٽيم محمد حارث ۽ سٽي پينٿرز جي ٽيم بهترين آل رائونڊر شاداب خان جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي .