بلاوائيو-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن، ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوائيو ۾ پهرين ميچ سان ٿيندي. ان کان اڳ پاڪستان ٽيم ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 1-3 تان هارايو هو. گرين شرٽس ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کانسواءِ ٽي، ٽي ٽونٽي عالمي ميچن جي سيريز به کيڏندي. ٽن ٽي ٽونٽي ميچز جي سيريز ۾ ميزبان اسڪواڊ جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪندو. جڏهن ته مهمان ٽيم کي سلمان آغا ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽي ٽونٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريزجي شروعات پهرين ڊسمبر تي ٿيندي، ٻي ٽي ٽونٽي 3 ڊسمبر ۽ ٽين ٽي ٽونٽي ميچ 5 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.