لنڊن-29 نومبر (اي پي پي) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 30 نومبر تي وڌيڪ 6 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم فالمز ۾ کيڏي ويندي، ٻين ميچ برينٽ فورڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ ڪرسٽل پيلس ۽ نيوڪيسل يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ ناتنگهم فارسٽ ۽ ايپسوچ ٽائون جي ٽيمن وچ ۾ دي سٽي گرائونڊ، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ ۾ وولور هيمپٽن ۽ بورن مائوٿ جون ٽيمون مولينڪس اسٽيڊيم، وولور هيمپٽن ۾ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ڇهين ميچ ويسٽ هيم يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته انگلش پريميئر فٽ بال جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي.30 نومبر جي ڇهين ۽ آخري ويسٽ هيم يونائيٽڊ ۽ آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي.