ميڊرڊ-29 نومبر (اي پي پي) هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا ۾ 04 ڏينهن آرام کانپوءِ 30 نومبر تي وڌيڪ چار ميچون کيڏيون وينديون. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي. پهرين ميچ ويلنسيا ۽ ريال ميلورڪا جي ٽيمن وچ ۾ اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ بارسلونا ۽ لاس پالماس جي ٽيمن وچ ۾ بارسلونا، اسپين ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ ۾ الاويز ۽ ليگينس جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ مينڊيز وروزا، ويٽورياگاسٽيزاسپين ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته 30 نومبر تي رٿيل چوٿين ۽ آخري ميچ ۾ سپينيول ۽ سيلٽا ويگو جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ آر سي ڊي اي ، اسٽيڊيم بار سلونا ، اسپين ۾ کيڏي ويندي.