بيجنگ -27 سيپٽمبر (اي پي پي) روليڪس شنگهائي ماسٽرز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 13 هون ايڊيشن 2 آڪٽوبر کان چين جي شهر شنگهائي جي ڪيز هونگ فاريسٽ اسپورٽس سٽي ايرينا ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. ٽورنامينٽ ۾ مينز سنگلز ۽ مينز ڊبلز جا مقابلا ٿيندا . اي ٽي پي ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن لاءِ اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار جينڪ سنر کي ٽاپ سيڊڊ قرار ڏنو ويو آهي. جرمني جي اليگزينڊرز ويروف سيڪنڊ، اسپين جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز کي ٿرڊ جڏهن ته سربيا جي ٽينس اسٽار ۽ عالمي ٽينس اسٽار نوويڪ جوڪووچ کي فورٿ سيڊ قرار ڏنو ويو آهي. ٽورنامينٽ آئوٽ ڊور هارڊ ڪورٽ ۾ کيڏيو ويندو.اي ٽي پي ٽورنامينٽ 13 آڪٽوبر تي پڄاڻي تي پهچندو.