ٽوڪيو -27 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ٽيلر فريٽز، ناروي جو ٿرڊ سيڊڊ ڪيسپر رڊ ۽ يونان جو ٽينس رانديگر ۽ فورٿ سيڊڊ اسٽيفانوس اي ٽي پي جاپان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ اپ سيٽ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويا آهن. اي ٽي پي جي اهتمام هيڍ جاپان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا ٽوڪيو ۾ جاري آهن. مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ فرانس جو ٽينس رانديگر آرٿر فلز بهترين راند پيش ڪندي آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ٽيلر فريٽز کي 4 -6، 6-3 ۽ 3-6 تان اپسيٽ شڪست ڏئي ٻئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، آسٽريليا جي جورڊن ٿامسن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ناروي جي ٿرڊ سيڊڊ ڪيسپر رڊ کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-7 (5-7) ۽ 1-6 تان اپ سيٽ شڪست ڏني. جڏهن ته ايلڪس ٽي مشيلسن يونان جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ اسٽيفانوس کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.