لنڊن-27 سيپٽمبر (اي پي پي)انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ ڇنڇر ڏينهن 28 سيپٽمبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . پهرين ميچ نيوڪسل يونائيٽڊ ۽ دفاعي مانچسٽر جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ جيم پارڪ، نيو ڪيسل ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ آرسنل ۽ ليسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ ايمريٽس اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٽي ميچ ۾ برينٽ فورڊ ۽ ويسٽ هيم يونائيٽڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ جي ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم، برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ميچ چيلسي ۽ برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيمن وچ ۾ اسٽامفورڊ برج ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. پنجين ميچ ايورٽن ۽ ڪرسٽل پيلس جي ٽيمن وچ ۾ گڊيسن پارڪ ليور پول ۾ کيڏي ويندي. ڇهين ميچ ناٽنگهم فاريسٽ ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ سٽي گرائونڊ ناٽنگم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ وولور هيمپٽن ۽ ليور پول وچ ۾ مولينڪس اسٽيڊيم، وولور هيمپٽن ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جو 33 هون سيزن شروع ٿي چڪو آهي جيڪو مجموعي طور تي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 126هون ايڊيشن آهي.