ناٽنگهم _ 18 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 19 سيپٽمبر خميس ڏينهن ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي. آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري تي آهي جتي اها برطانوي ٽيم خلاف 3 ٽي- 20 ميچن جي سيريز کان علاوه 5 هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز به کيڏندي. انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل 3 ٽي- ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر رهي. ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ مهمان آسٽريلوي ٽيم 28 رنسن تان کٽي ورتي هئي جڏهن ته ميزبان انگلينڊ ٽيم ٻين ميچ ۾ ڀرپُور واپسي ڪندي آسٽريلوي ٽيم کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ برسات جي ور چڙهي وئي هئي.