لنڊن-18 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ جو مشھور ڪيولئسٽ انگلش اوپن سنوڪر ٽورنامينٽ جي شروعاتي رائونڊ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويو آھي. چين جي 24 ورھين جي ھي گوڪيانگ مردن جي مقابلي جي شروعاتي رائونڊ ۾ ميزبان ڪيولئسٽ روني اوسليوان کي شڪست ڏئي ٽاپ 32 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آھي. انگلش اوپن سنوڪر ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو انگينڊ جي برينٽ ووڊ سنوڪر سينٽر ۾ جاري آھي. ٽورنامينٽ جي شروعاتي رائونڊ ۾ چين جي گوڪيا نگ شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي ميزبان روني اوسليوان کي 2 جي ڀيٽ ۾ 4 فريمن تان شڪست ڏني پر روني اوسليوان کي ايونٽ مان ٻاھر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سندس مقابلو ٽاپ 32 رائونڊ ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ڪيولئسٽ اسٽيفن ميگوائر سان ٿيندو.