چنائي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 19 سيپٽمبر خميس ڏينهن کان 23 سيپٽمبر تائين ايم چدمبرم اسٽيڊيم چنائي ۾ کيڏي ويندي . بنگلاديش ٽيم هن وقت ڀارت ۾ آهي جتي پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 03 ٽي – 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات اڄ خميس ڏينهن پهرين ميچ سان ٿيندي، اها ميچ چدمبرم اسٽيڊيم چنائي ۾ کيڏي ويندي. ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 27 سيٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين گرين پارڪ، ڪانپور ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديشي ٽيم جي نجم الحسن شانٽو اڳواڻي ڪندو، جڏهن ته ميزبان ڀارتي ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمين روهت شرما ڪندو. ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهن ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي- 20 ميچن جي سيريز جي شروعات 6 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي، جيڪا نيو مادورائو سنديا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، گواليار ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي- 20 9 آڪٽوبر تي اروان جيٽلي اسٽيڊيم، نئين دهلي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 12 آڪٽوبر تي راجيو گانڌي انٽر نيشنل اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ کيڏي ويندي.