اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پشاور سان واڳيل مشهور استاد، اديب، شاعر ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر نذير تبسم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر نذير تبسم جو لاڏاڻو ادبي دنيا لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هو پنهنجي شاعري، تحقيقي ڪم ۽ تنقيدي مضمونن ذريعي اردو ادب ۾ هڪ منفرد مقام رکندو هو. هن چيو ته هن جي لکڻيون ۽ خدمتون نئين نسل لاءِ هميشه رهنمائي جو ذريعو رهنديون. اورنگزيب خان کچي وڌيڪ چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر نذير تبسم نه صرف هڪ شفيق استاد هو پر هڪ گهڻ رخي ادبي شخصيت طور ياد رکيو ويندو. هن مرحوم لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.