اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق اڱاري جي رات ۽ (اڄ) 3 سيپٽمبر دوران تيز برساتن سبب نارووال، سيالڪوٽ، گوجرانوالا، گجرات، منڊي بهاؤ الدين، لاهور، قصور، اوڪاڙه، شيخوپوره، حافظ آباد ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ مقامي/ برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطره ظاهر ڪيو آهي. تيز برسات سبب ڄمون، ڀمبر، ميرپور، ڪوٽلي، پونچ، حويلي، بٽگرام، ايبٽ آباد، دير، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ مقامي برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي. تيز برساتن/ طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جي معمولات متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي. مسافر ۽ سياح سفر دوران وڌيڪ محتياط رهن ۽ موسمي صورتحال مطابق پنهنجي سفر جو انتظام ڪن ۽ برساتن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪن. موسمياتي کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو به امڪان آهي. خيبر پختونخوا. پوٽوهار خطي، ڏکڻ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين ۽ نوڪنڊي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.