اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ شير شاهه گرلز هاءِ اسڪول ۾ قائم فلڊ رليف ڪيمپ جو دورو ڪيو. هن ٻوڏ متاثرن لاءِ لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ ۾ دوائن جي دستيابي ۽ ڪوالٽي بابت پڇا ڪئي. هن شير شاهه بند تي وڃي ٻوڏ جي صورتحال جو پاڻ جائزو ورتو. بعد ۾ هو گورنمينٽ هاءِ اسڪول بچ ۾ قائم فلڊ رليف ڪيمپ به ويو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسسٽنٽ ڪمشنر عارف اقبال کيس بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم اين اي عبدالقادر گيلاني، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت انتظاميه جا آفيسر ۽ علائقي جا نمائندا به ساڻس گڏ هئا. سيد يوسف رضا گيلاني متاثرن سان ملي سندن خيريت ۽ سهولتن بابت دريافت ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ ۾ هزارين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي، پنهنجا گهر ٻار ۽ چوپائي مال کي ڇڏيو. متاثرن کي بنا فرق جي سهولتون ۽ رليف فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن کي مشڪلاتون سامهون هونديون، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماڻهن کي سموريون سهولتون، دوائون کاڌو پيتو فراهم ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته رليف ڪيمپ ۾ جيڪڏهن ڪا شڪايت يا کوٽ هجي ته ان کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو ويندو. هن مقامي انتظاميه جي ساراهه ڪندي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ انتظاميه جو ڪردار ۽ نيڪالي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ميڊيا به مشڪل گهڙي ۾ متاثرن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالقادر گيلاني چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، جيستائين هو ڪيمپن ۾ آهن سندن ڀرپور خيال رکيو ويندو. هن چيو ته هر اداري جا اها ڪوشش آهي ته ڪيمپ ۾ موجود ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جي ضرورتن جو خيال رکيو وڃي.