ڪراچي-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي توانائي ۽ ترقي رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه خبردار ڪيو آهي، ته سنڌ ۾ سپر فلڊ جو سخت خدشو آهي ۽ ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن اندر وڏو وهڪرو گڊو بئراج مان گذرندو. هن ڪچي وارن علائقن جي رهاڪن کي اپيل ڪئي آهي، ته فوري طور محفوظ هنڌن يا قائم ڪيل رليف ڪيمپن ڏانهن منتقل ٿي وڃن۔ وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب سيد ناصر حسين شاهه زور ڀري چيو ته “احتياط ڪرڻ، پڇتائڻ کان بهتر آهي.” هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو هن وقت ڪچي وارن علائقن مان نڪري ايندا ته اهي محفوظ جڳهن تائين پهچي سگهندا، ٻي صورت ۾ خدانخواسته وڌيڪ برسات پئي يا غيرمعمولي صورتحال پيدا ٿي ته اوچتو نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو۔ ناصر شاھ وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي هر هنڌ موجود آهن، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر جي هدايت تي سنڌ حڪومت هر هنڌ متحرڪ آهي۔ ناصر شاهه چيو ته “سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، اسين پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.” هن اميد ظاهر ڪئي ته صورتحال بهتر رهندي، پر شهري احتياطي اپائن ۾ انتظاميه سان ڀرپور تعاون ڪن.