ڪراچي- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته ڀارت طرفان چناب درياهه ۾ وڏي پئماني تي پاڻي ڇڏڻ بعد سنڌ کي مها ٻوڏ جو خطرو آهي، وفاقي حڪومت جامع موسمياتي تبديلي (ڪلائميٽ چينج) پاليسي تيار ڪري ته جيئن پاڪستان هر سال ايندڙ قدرتي آفتن کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهي. هن اها ڳالهه نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي۔ وڏي وزير چيو ته 4 ڏينهن اڳ 10 لک 77 هزار ڪيوسڪ پاڻي قادرآباد بئراج تي پهتو هو. هن وضاحت ڪئي ته جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج درياهن جو پاڻي پنجند تي گڏجي پوءِ ڪوٽ مٺن وٽ سنڌو درياهه ۾ شامل ٿئي ٿو۔ هن وقت راوي مان اڍائي لک، ستلج مان ٽي لک پنجاهه هزار ۽ سنڌو مان ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي چناب ۾ شامل ٿي رهيو آهي ۽ اهو سڀ پاڻي آخرڪار سنڌو درياهه ذريعي سمنڊ ۾ وڃي ٿو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب 5 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو اچي سگهي ٿو۔ هن خبردار ڪيو 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي سپر فلڊ قرار ڏنو وڃي ٿو. وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ صوبو سپر فلڊ لاءِ مڪمل تيار آهي۔ هن چيو اسان جي پهرين ذميواري انساني جانين، چوپائي مال ۽ بئراجن جي حفاظت آهي۔ هن ٻڌايو ته 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ بندن کي لڳ ڀڳ ڇهه فوٽ مٿي ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته 2010 جي سپر فلڊ ۾ گڊو بئراج وٽ 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو، جڏهن ته 2014 ۾ 5 لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي تريمون بئراج مان محفوظ طريقي سان گذري ويو هو۔ ھن چيو تازو 24 آگسٽ تي 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ وهڪرو گڊو بئراج مان بغير ڪنهن خطري جي گذريو۔ اڄ اسان 9 لک 10 هزار ڪيوسڪ تائين جي وهڪري لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته هر چوٿين ميل تي هڪ “لينڊي” قائم ڪئي وئي آهي، جتي 16 اهلڪار 24 ڪلاڪ نگراني ڪن ٿا ۽ ايمرجنسي ۾ فوري ڪارروائي لاءِ تربيت يافته آهن۔ حساس هنڌن تي مشينري ۽ ٻيا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته “ڪي ڪي بند” جي خاص حفاظت ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير چيو ته سڀني ڪمشنرن، ڊي سيز ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل تياري لاءِ هدايت ڏني وئي آهي۔ ڳوٺاڻن ۽ مالوند ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏني پئي وڃي جڏهن ته صحت کاتي کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي۔ هن چيو مان پاڻ چيـف سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون۔ سوالن جوابن دوران مراد شاهه موسمياتي تبديلي جي سنگيني بابت ڳالهائيندي چيو اسان کي مڃڻو پوندو ته ڪلائميٽ چينج جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن۔ هن چيو في الحال منهنجو سڄو ڌيان سنڌ کي ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن محفوظ رکڻ تي آهي، پر قومي سطح تي هڪ جامع پاليسي لازمي آهي۔ هن ياد ڏياريو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا جڏهن ته هن ڀيري پنجاب کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي۔ هن چيو اسان جا پنجاب جا ڀائر ڀينر سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ جو عوام سندن ساٿ ڏئي رهيو آهي، اسان جون دعائون ۽ امداد پنجاب سان گڏ آهن۔ هن وضاحت ڪئي ته پنجاب ۾ موجوده وڏا وهڪرا چناب، راوي ۽ ستلج دريائن سبب آهن ۽ اهو پاڻي ڪالاباغ ڏانهن نٿو موڙي سگهجي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 1973 ۽ 1976 جي ٻوڏ کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي فلڊ ڪميشن قائم ڪئي هئي۔ هن چيو اڄ وفاق ۾ اين ڊي ايم اي ۽ صوبن ۾ پي ڊي ايم اي موجود آهن، جيڪي قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن۔ ميداني نگراني لاءِ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي جڏهن ته رياض شاهه شيرازي کي ڪوٽڙي کان هيٺين ساڄي پاسي جي نگراني جو ذميوار بڻايو ويو آهي۔ آخر ۾ وڏي وزير چيو سنڌ حڪومت 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔ هر احتياطي قدم کنيو پيو وڃي.ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه پڻ موجود هئا.