سکر-31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سپر فلڊ جي صورت ۾ احتياطي تدبيرن جو جائزو ورتو ـ ڊپٽي ڪمشنر آغا شير زمان پاران وڏي وزير کي ايمرجنسي پلان بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي سپر فلڊ جي صورت ۾ 8 يونين ڪائونسل ۽ 171 ڳوٺ متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ جي صورت ۾ 266,107 ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا ـ انهن علائقن ۾ 31,257 خاندان آباد آهن ـ ان ۾ چوپائي مال جو تعداد 268,225 آهي ـ  وڏي وزير ھدايتون ڏنيون ته ماڻهن کي انهن جي چوپائي مال سميت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير کي ماڻهن جي نيڪالي جي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، ۽ ٻڌايو ته ڪشمور ۾ 21 ٻيڙيون رجسٽرڊ آهن جيڪي نيڪالي جي ڪم ۾ حصو وٺنديون ـ ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ٻيڙين جي مدد سان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو ـ ضلعي ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ـ ٽوري ڊيم، ڪي ڪي ڊيم، گهوڙاگھاٽ، بي ايس فيڊر آر ڊي 45 تي 4 طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ـ ڪچي جي علائقي ۾ 2 لک ماڻهو رهائش پذير آهن ـ جن مان 50 کان 60 سيڪڙو ماڻهن کي انهن جي مائٽن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو ـ  30 سيڪڙو ماڻهن کي سرڪاري اسڪولن/عمارتن ۾ رهائش فراهم ڪئي ويندي ـ جڏهن ته ٻين کي انهن جي چوپائي مال سميت خيمه شهرن/ڳوٺن ۾ پناهه ڏني ويندي ـ جن  اسڪولن کي ڪيمپس قرار ڏنو ويو آهي انهن جو اعلان اڳ ۾ ئي ڪيو ويو آهي ـ ضلعي جي ٽن شهرن ۾ خيما شهرن لاءِ جڳهون تجويز ڪيون ويون آهن ـ بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪنڌڪوٽ ۾ 14 سرڪاري عمارتن کي امدادي مرڪزن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ـ ڪشمور ۾ 10 سرڪاري عمارتون امدادي مرڪزن طور استعمال ڪيون وينديون ـ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ تنگواڻي ۾ خيمه شهر قائم ڪيا ويندا ـ وڏي وزير چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي ـ مان چاهيان ٿو ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪئي وڃي ـ وڏي وزير کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي تفصيل ڏني وئي ـ ڪنڌ ڪوٽ اسپتال ۾ 24 ڊاڪٽر، 78 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 20 بسترا، 2 ايمبولينسون موجود آهن ـ ڪشمور اسپتال ۾ 13 ڊاڪٽر، 113 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 6 بسترا ۽ هڪ ايمبولينس سروس هوندي ـ آر ايڇ سي تنگواڻي ۾ 21 ڊاڪٽر، 15 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 12 بسترا، ۽ هڪ ايمبولينس سروس آهي ـ ايم سي ايڇ سينٽر ڪنڌڪوٽ ۾ 1 ڊاڪٽر، 8 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ۽ 5 بسترا آهن ـ ايم آر ايڇ سي غوثپور ۾ 3 ڊاڪٽر، 21 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ۽ 4 بسترا آهن ـ ايم آر ايڇ سي بخشاپور ۾ 4 ڊاڪٽر، 18 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ۽ 5 بسترا آهن ـ آر ايڇ سي ڪرمپور ۾ 2 ڊاڪٽر، 8 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 6 بسترا، ۽ هڪ ايمبولينس سروس آهي ـ 44 صحت جون سهولتون، 10 ڪي ايم سي سروسز، 10 اي پي آءِ سينٽر، ايڇ ايف سان گڏ 16 ليبر روم، 9 ليباريٽريون صحت جون خدمتون فراهم ڪنديون . 2 سول ايمبولينسون، 7 پي پي ايڇ آءِ ايمبولينسون ۽ 5 ايمبولينسون 1122 بروقت خدمتن ۾ حصو وٺنديون . وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي قبول نه ڪئي ويندي. سڀني شڪايت سيلز کي فعال ڪيو وڃي ـ  ضرورت پوڻ تي سڀني وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي.