اسلام آباد-31 آگسٽ(اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ فنڊ (اين ڊي آر ايم ايف) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي آهي جيڪو 3 سال جي مدي لاءِ موثر رهندو. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ رٿا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن ذريعي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. رٿا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن، اقتصادي معاملن واري ڊويزن، فنانس ڊويزن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ ماحوليات ڪوآرڊينيشن بورڊ جا وفاقي سيڪريٽريز بورڊ جي ميمبرن ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر فيض محمد ڪاڪڙ ۽ ڊاڪٽر محمد نديم جاويد بورڊ جا آزاد ميمبر آهن. ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري پاڪستان جي مشهور سماجي پاليسي تجزيه ڪار ۽ ترقي جو ماهر آهي. هن جي قيادت پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) پاڪستان ۾ ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي، خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري جي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.