بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ ۽ صنعتي حصيداري کي آسان بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صنعتي تعاون پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي جو اهم ٿنڀ آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سيڙپڪاري تيز ڪرڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بزنس ٽو بزنس تعاون کي مضبوط بڻائڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو نه رڳو پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ان سان علائقائي ترقي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي جي محرڪ جي طور تي سي پيڪ جي ويزن کي پڻ سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ چيني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات دوران ڪيو. تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي اهم ڪاروباري ادارن جي سينيئر ايگزيڪيوٽوز سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون جن سان ڳالهه ٻولهه دوران ٽيڪسٽائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، رستي ۽ ڊيجيٽل رابطي، اي ڪامرس ۽ خلائي ٽيڪنالاجيز سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌائن تي ڌيان ڏنو ويو. ملاقاتن دوران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل جامع سڌاراجاتي قدمن جو ذڪر ڪيو جن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ ٽيڪس مراعتون، چيني شهرين جي لاءِ آسان ويزا پاليسيون ۽ سفر ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ وڏن هوائي اڏن تي مخصوص بوٿس قائم ڪرڻ شامل آهي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي معاشي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ اجاگر ڪيو جيڪو سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بزنس ٽو بزنس تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صنعتي تعاون پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي تعاون جو بنيادي ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. هن چيني ادارن کي دعوت ڏني ته خاص طور تي صنعتن کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ جي لاءِ اهي پاڪستان کي پنهنجي ترجيحي سيڙپڪاري جي منزل سمجهن. هن چيو ته پاڪستان هنرمند ۽ گهٽ لاڳت افرادي قوت، صنعتي پيداوار ۾ چٽاڀيٽي جي لاءِ گهٽ لاڳت ڪچو مال جي فراهمي ۽ علائقائي ۽ عالمي منڊين سان اسٽريٽجڪ رابطي سان هڪ منفرد تقابلي فائدو پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ ۽ صنعتي حصيداري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو نه رڳو پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ان سان علائقائي ترقي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي جي محرڪ جي طور تي سي پيڪ جي ويزن کي پڻ سگهه ملندي.