راولپنڊي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل مذهبي عقيدن، امنگن ۽ تذويراتي صف بندي تي ٻڌل آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جنرل ضيا ڪيمل ڪاديو گلو جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ايئر هيڊڪوارٽر پهچڻ تي وفد جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي بدليل ماحول، جاري دفاعي تعاون ۾ اڳڀرائي ۽ جديد جنگ جي نون شعبن ۾ گڏيل شموليت جي امڪانن تي گهرائي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي آمد تي پاڪ فضائيه جي چست جٿي ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات دوران پاڪ فضائيه جي سربراهه پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي، جيڪي گڏيل مذهبي عقيدن، امنگن ۽ تذويراتي صف بندي تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترڪ ڪيڊٽس جي پهرين بينچ جي پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ تربيت لاءِ آمد ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. اها اڳڀرائي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده دفاعي حصيداري ۾ هڪ نئين باب جي نشاندهي ڪري ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد ۽ فضائي جنگجوئن جي ايندڙ نسل جي تعمير جي گڏيل ويزن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ٻنهي ڪمانڊرن گڏيل تربيت، گڏيل مشقن ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز تي خاص زور ڀريندي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، جنرل ضيا ڪيمل ڪاديو گلو ڀارت جي هاڻوڪي تڪرار دوران ايئر چيف جي بصيرت انگيز قيادت ۾ پي اي ايف جي شاندار آپريشنل ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان جي آپريشنل تياري ۽ قومي خودمختياري جي پرعزم دفاع جي واکاڻ ڪئي. هن ملٽي ڊومين وار فيئر جي طريقيڪار جي باري ۾ جامع بصيرت حاصل ڪرڻ، پاڪ فضائيه جي آزمائشي آپريشنل حڪمت عملين ۽ تڪرارن ۾ ڪاميابي تي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ترڪ فضائيه جي قيادت به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ سان حاصل ٿيل آپريشنل سبقن جو مطالعو ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو جنهن جو مقصد پنهنجي نظريي کي مضبوط ڪرڻ ۽ مجموعي تيارين کي وڌائڻ آهي. معزز مهمان نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي ڀرپور ساراهه ڪئي ۽ ايرو اسپيس جي جدت، فني ترقي ۽ آپريشنل طور پاڻڀري هجڻ جي دائري ۾ پي اي ايف جي تيار ڪيل مقامي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. ڌرين هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ ۽ گڏيل علم ۽ آپريشنل مهارت جي بنياد تي هڪ جامع ٽيم طور اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو. ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جو ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ، ٻطرفي دفاعي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج وچ ۾ پائيدار اداره جاتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي نشاني آهي.