بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ اينزن اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ موثر نظام، جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهترين خدمتن جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ آفيسر وزيراعظم سان گڏ هئا. اسپتال جي دوري دوران وزيراعظم کي اسپتال ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اسپتال ۾ موجود سهولتن جو معائنو ڪيو ۽ اسپتال ۾ موثر نظام، جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي اسلام آباد ۾ زيرتعمير منصوبن ۽ صحت واري وزارت کي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ٻين اسپتالن ۾ اينزن اسپتال جي ماڊل جي طرز تي سادو، مضبوط ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ زيرتعمير اسپتالن ۾ چين جي طرز تي معياري سهولتون فراهم ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي. دوري دوران وزيراعظم کي اسپتال ۾ موجود صحت جي سهولتن ۽ اسپتال جي موثر انتظام لاءِ موجود روبوٽس ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي جي سهولتن جو معائنو ڪرايو ويو.