پشاور -03 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪوئٽا جي سرياب روڊ تي شاهواڻي اسٽيديم ويجهو ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب خيبر پختونخوا جي گورنر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته افسوسناڪ واقعي تي بلوچستان حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ڏکويل ڪٽنب جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان.هن چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ انسان دشمن قدم آهي. بيگناهه ماڻهن جو ناحق رت وهائيندڙ انسانيت ۽ بلوچستان جي امن جا دشمن آهي.