ملتان-03 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ملڪي موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ پوري قوم کي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي، مشڪل وقت ۾ اسان کي تنقيد بدران عوامي مفادن ۽ رليف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن جهوڪ وينس، بستي رياض آباد ۽ لڪ والا نواب پور جي علائقن ۾ قائم فلڊ رليف ڪيمپن جي دورن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته تازي ٻوڏ سبب سڄي ملڪ سميت پنجاب ۾ ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پنهنجي گهرن کي ڇڏڻ آسان ناهي هوندو پر زندگي بچائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن کي فوري ڇڏيو وڃي ته جيئن انساني جانين کي بچائي سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قومي يڪجهتي لاءِ ضروري آهي ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جو اجتماعي طور تي ساٿ ڏنو وڃي، پوري قوم خاص ڪري سرندي وارن کي گهرجي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ گهرٻار ڇڏيندڙن جي هر طرح سان مدد ڪن. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ جو ڏينهن خطرناڪ آهي، ٽيمون پاڻي مانيٽر ڪري رهيون آهن، سمورا ادارا الرٽ آهن، جيڪي ماڻهو اڃان تائين دريائي علائقن ۾ آهن انهن کي درخواست آهي ته محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کانپوءِ حڪومت نقصانن جو ڪاٿو لڳائيندي ۽ پوءِ متاثرن جي مدد ڪئي ويندي.