اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان حڪومت افغانستان جي لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. ايڪس تي جاري پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سندس ٽيليفونڪ رابطي کانپوءِ اڄ پاڪستان حڪومت انساني همدرديءَ جي بنياد تي افغانستان جي لاءِ 105 ٽن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي، امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون، تنبو، ڪمبل ۽ ببل ميٽ شامل آهن جيڪي تازي زلزلي سبب متاثر افغان عوام جي مدد جي لاءِ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان متاثرين جي لاءِ دلي تعزيت ۽ مغفرت جي دعا ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان ان ڏکئي وقت ۾ ڀائر افغان عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.