ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ سرڪار جو اوليتي منصوبو آھي جنھن سان روزاني لکين ماڻھو لاڀ ماڻي سگھندا. ھن ھدايت ڪئي ته رٿا تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ھڪٻئي سان ويجھي رابطي ۾ رھن ۽ گڏيل سھڪار کي وڌيڪ ھٿي ڏين. اهڙو اظهار هن ايشين ڊولپيمينٽ بينڪ جي ھڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ آئيندي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ ڊيوڊ مارگونز اسٽرن، سيد عمر علي شاھ، حميد خان، فرانسوالوئي ڪليوم، احسن پراچا ۽ ويٽچنگ پو شامل ھُئا، جڏھن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او فواد غفار سومرو بھ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس دوران وفد کي ريڊ لائن بي آر ٽي جي لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو تحت جاري تعميراتي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندن منصوبي کي ڪراچي جي سفري ضرورتن لاءِ نھايت اھم قرار ڏيندي خاطري ڪرائي تھ  منصوبي جي وقت سر ۽ معياري تڪميل جي لاءِ مالي ۽ فني ٻنھي سطحن تي مڪمل سھڪار فراھم ڪيو ويندو.اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي شرجيل ميمڻ چيو تھ هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان شھرين کي محفوظ، تيز ۽ گھٽ لاڳت واري سفري سھولت ملندي ۽ شھر جي ٽريفڪ جي نظام ۾ نمايان بھتري ايندي. اجلاس ۾ ان ڳالهھ تي اتفاق ڪيو ويو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي جي وقت سر تڪميل لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن.