ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي ون) جي ڪاميابي تي فخر آهي جنهن تحت 13 هزار 565 شاگردن کي عالمي معيار جي آءِ ٽي تربيت ڏني ويئي جيڪا اصل هدف کان وڌيڪ هئي. انهن مان 4 هزار 300 کان وڌيڪ گريجوئيٽس کي روزگار ملي چڪو آهي جڏهن ته 300 گوگل ڪروم بڪس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ڏنا ويا.اهڙو اظهار هن پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي ٽو) ۽ گوگل ڊجيٽل صحافت اسڪالرشپس پروگرام جو افتتاح ڪندي ڪيو.ان موقعي تي يادداشتنامي ۽ معاهدي تي صحيحن جي تقريب پڻ منعقد ٿي.وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي پروگرام صرف مهارتن بابت نه هو پر ان ۾ شموليت به اهم هئي جنهن ۾ عورتن ۽ پٺتي پيل علائقن جي شاگردن جي وڏي شرڪت رهي. هن ڪاميابيءَ جي بنياد تي وڏي وزير پي آءِ ٽي پي ٽو جو اعلان ڪيو جنهن لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. هن پروگرام تحت 35 هزار شاگردن کي 12 اهم ٽيڪنالاجيز ۾ تربيت ڏني ويندي جيڪا اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي وسيلي فراهم ڪئي ويندي. نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 1 هزار 750 شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي ڪروم بڪس ڏنا ويندا جيڪي ڪل گريجوئيٽس جو پنج سيڪڙو هوندا. اهل اميدوارن جو دائرو وڌايو ويو آهي جنهن ۾ ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن جي شاگردن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته عمر جي حد 28 سال مقرر ڪئي وئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پي آءِ ٽي پي ٽو صرف تربيت ناهي پر هڪ انقلابي قدم آهي جيڪو سنڌ کي مستقبل جي تياري ۽ جامع ترقي ۾ اڳواڻ بڻائيندو. پي آءِ ٽي پي ٽو سان گڏ وڏي وزير گوگل نيوز انيشيئيٽو جي تحت سنڌ حڪومت ۽ ٽيڪ ويلي جي تعاون سان ڊجيٽل جرنلزم ٽو جو به اعلان ڪيو. پهرئين مرحلي ۾ 500 کان وڌيڪ فئڪلٽي ميمبرن ۽ ميڊيا جي شاگردن کي ڊجيٽل رپورٽنگ، فيڪٽ چيڪنگ، تصديق ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل صحافت جي تربيت ڏني وئي. نئين مرحلي ۾ 1 هزار اسڪالرشپس ڏنيون وينديون جيڪي صحافين، سرڪاري ترجمانن ۽ سرڪاري يونيورسٽين جي ميڊيا شاگردن ۾ برابر ورهايون وينديون. وڏي وزير چيو ته هي رڳو ٽيڪنالاجي جو معاملو ناهي پر سچائي، جوابدهي ۽ جمهوريت جو سوال آهي. صحافين کي ڊجيٽل اوزار ڏئي اسان شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪريون ٿا. هن گوگل جي عملدارن پال هچنگز ۽ ٽم پاؤليني، ٽيڪ ويلي جي سي اي او عمر فاروق، شريڪ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ صوبائي سيڪريٽرين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. سنڌ ڪابينا اڳ ئي پي آءِ ٽي پي ٽو جي منظوري ڏئي چڪي آهي جنهن کي سنڌ پبلڪ پروڪورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ايڪٽ 2009 تحت ٽن يونيورسٽين سان سڌي معاهدي جي اجازت ڏني وئي. پروگرام جو فريم ورڪ اسٽيرنگ ڪاميٽي منظور ڪيو ۽ بجيٽ 2025-26 ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. وڏي وزير چيو ته پي آءِ ٽي پي ٽو ۽ ڊجيٽل صحافت وسيلي سنڌ ڊجيٽل جدت ۽ صحافت ۾ نئون معيار قائم ڪري رهيو آهي، نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ صوبي کي علم تي ٻڌل مستقبل لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گوگل ڊجيٽل صحافت اسڪالرشپس پروگرام صحافين کي تربيت ڏيندو ۽ جعلي خبرن جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.تقريب ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جو چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي نور سمون، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر طفيل، وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي ڊاڪٽر طاهر، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي ڊاڪٽر آصف شيخ، وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي ڊاڪٽر خالد عراقي، وائيس چانسلر شاهه لطيف يونيورسٽي، ٽيڪ ويلي جو سي اي او عمر فاروق، گوگل ايشيا جو سربراهه پال هچنگز، وڏي وزير جو ترجمان نادر گبول، عبداللّه بلوچ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معيز پيرزاده، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جو صدر طاهر حسن ۽ ٻيا معزز مهمان شريڪ ٿيا.