ڪراچي-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران گورنر هائوس ۾ 1500 هين عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي ستين ڏينهن تي هڪ روحاني محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي اهم شخصيتن، عالمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. مشهور نعت خوان الحاج صديق اسماعيل، اسد ايوب، ارشد سهروردي، ماسٽر سمير، دانيال شيخ ۽ ٻين رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي بارگاھ ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا، جڏهن ته مفتي محمد سهيل رضا امجدي سيرت طيبه صلي الله عليه وسلم تي هڪ جامع ۽ اثرائتي تقرير ڪئي. محفل کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته هي عهدو الله تعاليٰ جو تحفو آهي ۽ سندس واحد مقصد ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. هن چيو ته سرندي وارن کي زڪوات جي مڪمل ادائيگي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن ٻوڏ متاثرن ۽ ٻين ضرورتمند ماڻهن کي وقت سر مدد فراهم ڪري سگهجي. سنڌ جي گورنر چيو ته وقت جي سڀ کان اهم ضرورت سماج مان نفرت ۽ رنجش کي ختم ڪرڻ، پيار ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي اهڙا وسيلا ڏئي ته جيئن اسان ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهون. سنڌ جي گورنر چيو ته “عوام سان جيڪو به واعدو ڪيو ويو، الله تعاليٰ هميشه پنهنجي رحمت سان پورو ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن سان ڪيل واعدي کي برقرار رکندي، عمري جي ٽڪيٽن لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ ڪڻن جو بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن عورتن کي به برابر موقعو ملي. هن زور ڀريو ته جيستائين اسان پاڻ کي درست نه ڪنداسين، منزل تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو.سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته ڪو به نٿو ڄاڻي ته الله جو ولي ڪير آهي، تنهن ڪري اسان کي هڪ ٻئي سان نيڪي ۽ نيڪ نيتي سان رهڻ گهرجي.تقريب ۾ خوش قسمت شرڪت ڪندڙن خورشيد يامين ۽ ايوب نور محمد کي به ڪڻن ذريعي عمري جا ٽڪيٽ ڏنا ويا، جنهن تي شرڪت ڪندڙن سنڌ جي گورنر جي قدمن کي ساراهيو.