اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) آبي ذخيرن واري وفاقي وزير ميان معين وٽو چيو آهي، ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل نقصانن جي سروي ڪئي پئي وڃي،  سمورن متاثرن کي معاوضي جي ادائگي يقيني بنائي ويندي. تعمير هيٺ آبي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ ۽ نوان آبي ذخيرا تعمير ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي حڪمن تي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايم اين اي نور عالم خان ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان پنهنجي نمائندگي جو حق ۽ فرض ادا ڪيو آهي، جيڪو تعريف جوڳو آهي، موجوده صورتحـال ۾ وزيراعظم متاثرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، هو هن وقت هر گهڙي آگاهي وٺي رهيو آهي.۽ فوري  سهولتن جي فراهمي جا حڪم ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته جي بي، ڪي پي ڪي، اي جي ڪي، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سڀني لاءِ وزيراعظم فڪرمند آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي ان حوالي سان منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ نقصانن کان بچي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي تعمير هيٺ ڊيمن جي تڪميل، نون ڊيمن جي تعمير ۽ ٻين قدمن ۽ منصوبن جا حڪم ڏنا آهن. هن چيو ته سمورن کاتن جي ذمي جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪيون پيون وڃن. حڪومت پنهنجي ذميوارين کان غافل ناهي، ميمبرن جي راءِ سان اهڙا جامع منصوبا ٺاهيا ويندا جن تي ڪو به اعتراض نه ڪري سگهي. هن چيو ته حڪومت صورتحال کان پوري طرح آگاه آهي، متاثر علائقن ۾ نقصانن جي سروي جاري آهي ۽ متاثرن کي معاوضي جي ادائگي ڪئي پئي وڃي.