بيجنگ – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اين ايڇ اي ۽ توانائي واري وزارت ٻوڏ کان متاثر مواصلات واري نظام ۽ بجلي جي پهچ جي نظام جي ترجيحي بنيادن تي بحالي جي لاءِ قدم کڻن، ٻوڏ جي ڪري گم ٿيل شهرين جي جلد ڳولا مڪمل ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بيجنگ ۾ وزيراعظم ڪجهه دير جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون ختم ڪندي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئي سان مڪمل تعاون سان ڪم جاري رکن. وزيراعظم ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي وڏي اسپيل دوران اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ريسڪيو ۽ ريليف ادارن جي تياري ۽ امدادي ڪاررواين جي نگراني جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون ڪجهه دير جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيون. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين، پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ لاڳاپيل ادارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اين ايڇ اي ۽ توانائي واري وزارت کي ٻوڏ کان متاثر مواصلات واري نظام ۽ بجلي جي پهچ جي نظام جي ترجيحي بنيادن تي بحالي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اجلاس دوران ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي امداد، انهن جي محفوظ جاين تي منتقلي ۽ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي مڪمل تعاون سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ بحالي ۽ امدادي ڪاررواين تي خصوصي طور تي ڌيان ڏيڻ، اين ڊي ايم اي چيئرمين کي صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ ۽ صوبائي حڪومتن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي ڪري گم ٿيل شهرين جي جلد ڳولا مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي عملدارن پاران بريف ڪندي ٻڌايو ويو ته راوي درياءَ، چناب ۽ ستلج دريائن ۾ چاڙهه جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، دريائن ۾ چاڙهه جي ڏس ۾ ڊيمز ۽ بئراجن جي ريگيوليشن جاري آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پنجاب ۽ سنڌ ۾ دريائن ۾ چاڙهه جي ڪري وڌندڙ ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان مڪمل آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چناب درياءَ، راوي ۽ ستلج درياءَ ۾ ترمو، بلوڪي، سڌنائي، جي ايس والا ۽ سليمانڪي جي جاين تي چاڙهه ۽ امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي جو صوبائي انتظاميا ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سان مڪمل تعاون جاري آهي، راوي درياءَ، چناب ۽ ستلج درياءَ کان ٻوڏ ريلن جي اچڻ کانپوءِ پنجند وٽ شديد چاڙهه متوقع آهي، پنجند کان اهو ريلو 6 سيپٽمبر جي ٻنپهرن تائين گڊو بئراج پهچڻ جو امڪان آهي جتي متوقع ٻوڏ صورتحال جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ گڊو واري جڳهه تي امڪاني ٻوڏ ريلي جي ڏس ۾ اين ڊي ايم اي سنڌ حڪومت سان مناسب انتظامن جي لاءِ مڪمل تعاون ڪري رهي آهي، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ريسڪيو 1122، پاڪ فوج، رينجرز، غيرسرڪاري تنظيمون ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيون پاڻ ۾ تعاون سان امدادي ڪاررواين ۾ سرگرم عمل آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جا قافلا تسلسل سان موڪليا پيا وڃن، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۽ بجلي جي متاثر نظام جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جڏهن ته اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هئا.