اسلام آباد – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/ نائب صدر ڪاجا ڪالاس ٽيليفون ڪئي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ يورپي يونين پاران حمايت جو يقين ڏياريو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/ نائب صدر ٻوڏ سبب افسوسناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي امدادي ۽ بحالي جي ڪوششن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت جي پڻ خاطري ڪرائي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار يڪجهتي جي اظهار ۽ تعاون تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي بحران کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. هن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ وڌندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي موسمياتي قدمن، صلاحيت ۽ پائيدار بحالي ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.