ڪراچي – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي سنڌ افيئرز بابت ترجمان راجا خليق الزمان چيو آهي ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ سڀ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان گڏ بيٺل آهن، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ويزن ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪمن جي روشني ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ جي ڀائرن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو آفيس جي دوري تي ڳالهائيندي ڪيو. بيورو چيف عبدالله سروهي کيس پنهنجي آفيس اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. بئريسٽر خليق الزمان انصاري چيو ته جتي هڪ طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ ريليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن کان به پٺتي ناهي رهي اتي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سنڌ جي متاثر علائقن ۾ صوبائي حڪومت، پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايت جي روشني ۾ وزارت جي سنڌ بابت ترجمان بئريسٽر راجا انصاري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هر لمحي جي صورتحال تي نظر رکيل آهي. وفاقي حڪومت جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي ٻوڏ الرٽ جاري ڪري سنڌ ۾ متاثرين کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ته جيئن اهي پنهنجي چوپائي مال سميت محفوظ جاين تي منتقل ٿي سگهن. وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه، پنجاب وانگر سنڌ جي متاثرين کي پڻ اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ ضلعن ۾ ريليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جون هدايت جاري ڪيون آهن. بئريسٽر راجا انصاري چيو ته وفاقي حڪومت جا نمائندا مسلسل متاثرين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ريليف ڪئمپن جو دورو پڻ ڪندا. ان موقعي تي ”اي پي پي“ ڪراچي جي بيورو چيف عبدالله سروهي راجا انصاري کي اي پي پي ڪراچي بيورو آفيس بابت بريفنگ ڏني. جڏهن ته راجا خليق الزمان انصاري چيو ته اي پي پي هڪ معتبر ادارو آهي، اسان ان جي ساک متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، اي پي پي انگلش، اردو، سنڌي سروس ۽ وڊيو، فوٽو سروسز جي بهتري جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا جڏهن ته جلد ئي ڊيجيٽل اي پي پي سروس جو دائرو وسيع ڪندي ڪراچي ۾ ان جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. اسان اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر محبوب سرور، ڪوآرڊينيٽر ذڪي ابڙو، صحافي سيد ڪرم علي شاهه، صلاح الدين عباسي، محمد علي قاضي، فهيم چانڊيو، راشد پنهور، سيد عباس مهدي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.