راولپنڊي -02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان چيف آف اسٽاف بحرين ڊفينس فورس ليفٽيننٽ جنرل ذياب بن صقر نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ دفاعي لاڳاپن جي دائريڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو  آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. نيول چيف ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرولز ذريعي خطي ۾ امن ۽ سلامتي  لاءِ پاڪ بحريه جي قدمن تي روشني وڌي. چيف آف اسٽاف بحرين ڊفينس فورس خطي  ۾ سامونڊي سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ دفاعي لاڳاپن جي دائريڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. چيف آف اسٽاف بحرين ڊفينس فورس جي هاڻوڪي دوري سان ٻنهي ملڪن خاص ڪري هٿياربند فوج وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.