تيانجن – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آھي ته سي پيڪ 2.0 ذريعي پاڪستان جي بندرگاھن، تجديد جوڳي توانائي ۽ لائيواسٽاڪ جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جا بي پناھه موقعا موجود آھن، چيني ٽيڪنالاجي ۽ تجربي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم بڻائي رھيا آھيون. ھن اھا ڳالھه شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس دوران سي پيڪ 2.0 تحت پاڪستان، چين سھڪار جي نون موقعن تي ڳالھه ٻولھه لاءِ تيانجن جي دوري جي موقعي تي چئي. ھن چيو ته سي پيڪ 2.0 ذريعي پاڪستان جي بندرگاھن ، تجديد جوڳي توانائي ۽ لائيواسٽاڪ سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جا بي پناھه موقعا موجود آھن، وفاقي وزير ھوان شينگ نيو انرجي سولر پلانٽ جو جائزو ورتو ۽ چيو ته ھوان شينگ پلانٽ چوٿين صنعتي انقلاب جي سطح جو منصوبو آھي، پاڪستان به جديد توانائي منصوبن مان فائدو کڻندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زرعي شعبي ۾ چين جي مدد سان بائيوٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڀرپور سھڪار کي ھٿي ڏيندو، اسان چيني ٽيڪنالاجي ۽ تجربي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم بڻائي رھيا آھيون جيڪو مستقبل جي ترقي جي ضمانت آھي. ھن چين ۾ جانورن جي ويڪسين تيار ڪرڻ واري وڏي ڪمپني جو دورو ڪيو ۽ ان ڪمپني کي پاڪستان ۾ پلانٽ لڳائڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ لائيواسٽاڪ زرعي معيشت جو مضبوط ٿنڀ آھي، جانورن کي بيمارين کان بچائي گوشت جي روانگي واپار کي اڳتي وڌائڻ اھم ھدف آھي. ھن چيو ته سي پيڪ 2.0 کان پاڪستان ۽ چين جو سھڪار نئين بلندين تائين پھچندو.