اسلام آباد – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين صادق سنجراڻي جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته هو صادق سنجراڻي جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ صادق سنجراڻي ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ حوصلو ڏي.