اسلام آباد – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي هيڊڪوارٽرز تي ڀارت جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج جي حملي جي جواب ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مقابلي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ آرمي جي 6 جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج ڏينهن رات ملڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن تي مون سميت پوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.