حيدرآباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان حيدرآباد ڊويزن ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ رليف سرگرمين جي ميڊيا ڪوريج لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسنز ڊائريڪٽر شهزاد شيخ جي قيادت ۾ ڪوٽڙي بئراج جو دورو ڪيو، جتي آبپاشي کاتي جي ايڪسيئين طارق اسد کين موجوده پاڻي جي وهڪري ۽ بئراج جي گنجائش بابت بريفنگ ڏني. ايڪسيئين ٻڌايو ته ٻوڏ جي اصل شدت جو اندازو پاڻي پنجند پهچڻ کان پوءِ ٿيندو، بئراج انتظاميا وڏي ۽ مها ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بئراج ٽن مها ۽ 9 وڏين ٻوڏن کي برداشت ڪري چڪو آهي. ڪوٽڙي بئراج ضلعي ڄامشورو ۾ موجُود آهي جيڪو سنڌ جي ڏکڻ وارن ضلعن سميت بدين ۽ ٺٽو ۾ آبپاشي ۽ ٻوڏ صورتحال جي انتظام ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، فوڪل پرسنز پاران دوري جو مقصد سنڌ حڪومت جي امڪاني قدرتي آفتن دوران عوام کي وقت سر ۽ درست ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرمي کي ظاهر ڪري ٿو ته جيئن اڳواٽ وارننگ ۽ نيڪالي جا قدم يقيني بڻائي سگهجن۔ ان موقعي تي ڊائريڪٽر اطلاعات شبانه چنه، ڊپٽي ڊائريڪٽر ظفر منگي (فوڪل پرسن ضلعو بدين)، ڊپٽي ڊائريڪٽر نائلا شيخ ۽ انفارميشن آفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ثوبيه سليم ۽ علي وقاص سھتو موجود هئا.