ڪراچي-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چين جي قونصل خاني جو دورو ڪيو جتي قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ ۽ سفارتي عملي سندس پرجوش آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي گورنر ۽ قونصل جنرل چيني قونصليٽ جي اڱڻ ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳائي ماحول دوستي جو عملي مظاهرو ڪيو.ٻنهي اڳواڻن ماحوليات جي تحفظ ۽ وڻڪاري جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ يادگاري تختي جي گڏيل طور تي رونمائي ڪئي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ هرممڪن سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ سيڙپڪارن لاءِ بهترين موقعا موجود آهن ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ لاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا هرممڪن قدم کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تبديلي جا اثر اڄ دنيا جي سامهون هڪ وڏو چئلينج آهن ۽ ان کان محفوظ رهڻ لاءِ وڻڪاري مهم کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گورنر عوام کي اپيل ڪئي ته هو وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي ته جئين ايندڙ نسلن لاءِ بهتر ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي.ان موقعي تي چيني قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ چيو ته پاڪ چين دوستي هر دور ۾ هڪ مثال رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته وڻڪاري مهم نه فقط ماحوليات جي تحفظ لاءِ اهم آهي پر اها پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو به هڪ وسيلو آهي .قونصل جنرل گورنر سنڌ پاران ماحولياتي قدمن جي واکاڻ ڪئي.