بيجنگ – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن واپار جي فروغ سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل سال جولاءِ ۾ آستانه کانپوءِ اسان جي ملاقات ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سنجيده ۽ پرخلوص ڪوششون جاري آهن، گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿيو، اسان روس کان تيل درآمد ڪيو آهي جنهن سان ٻطرفو واپار وڌيو آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن، صدر پيوٽن جي دلچسپي ۽ عزم جي ڪري لاڳاپا صحيح رخ ۾ گامزن آهن. وزيراعظم چيو ته آستانه ۾ ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪيو، روس سان واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون ۽ ان سلسلي ۾ زراعت، لوهه، اسٽيل، توانائي، ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مختلف پروٽوڪولز تي صحيحون پڻ ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ بيلاروس، روس، قازقستان، ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لنگهه جي لاءِ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي، هي هڪ انتهائي اهم لنگهه هوندو، ان سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته ٻنهي ملڪن جي عزم جي ڪري ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته روس سان ٻطرفا لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، روس جو دورو ڪري مون کي خوشي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حمايت ۽ خطي ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ڀارت سان روس جي لاڳاپن جو احترام ڪريون ٿا پر پاڪستان به روس سان مضبوط لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اهي لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا، توهان جي ولولا انگيز قيادت انتهائي اهم آهي ۽ اسان توهان سان گڏجي ڪم ڪنداسين. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات تي خوشي ٿي رهي آهي، اسان جي گذريل ملاقات هڪ سال اڳ ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي آستانه ۾ ٿي هئي، پاڪستان سدائين کان ايشيا ۾ اسان جو روايتي حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن ۽ گذريل ملاقات ۾ پڻ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو هو، ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اسان کي واپار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو پوندو ته ڪهڙي طرح واپار جي فروغ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪريون. هن چيو ته پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، پاڪستان سان روس جا بهترين لاڳاپا آهن. روس جي صدر چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتون درپيش آهن ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان سمورين مشڪلاتن تي ضابطو آڻي وٺندو، اسان ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي پڻ هڪ ٻئي سان رابطا آهن، عالمي فورم تي پڻ پاڪستان ۽ روس هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن، پاڪستان هن وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر آهي، گڏيل قومون هڪ اهم پليٽ فارم آهي ۽ ان جي فريم ورڪ تحت اسان جا رابطا برقرار آهن. هن چيو ته نومبر ۾ روس ۾ ايس سي او جي فريم ورڪ تحت حڪومتي سربراهن جو اجلاس ٿي رهيو آهي، اسان ان ۾ توهان کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا.