دارفور-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سوڊان ۾ مٽي جي وڏي ڇپ ڪرڻ  سبب  سڄو ڳوٺ ملبي هيٺان دٻجي ويو جڏهن ته هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي  ويا آهن، ميڊي رپورٽن موجب ڇپ ڪرڻ جو واقعو اولهه سوڊان جي مارا جبل واري علائقي ۾ پيش آيوآهي  جتي برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿي . علائقائي انتظاميا  گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي  امدادي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته ملبي هيٺان ماڻهن جا لاش ڪڍڻ ۾ مدد ڪن، جن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. رپورٽن موجب لينڊ سلائيڊنگ کان پوءِ  ڳوٺ هڪ ميدان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. واضع رهي ته اتر دارفور جي گاديءَ واري هنڌ الفشر ۾ سوڊاني فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز جي وچ ۾  سخت ويڙهه جاري آهي.