تارتوس _2 سيٽمبر (اي پي پي ) شام مان 14 سالن  کان پوءِ ڪچي تيل جي پهرين کيپ طرطوس جي بندرگاهه کان رواني ٿي وئي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق شام جي توانائي واري وزارت جي تيل ۽ گيس جي ڊائريڪٽر رياض الجوباسي  ٻڌايو ته تيل بي سرو انرجي  کي وڪرو ڪيو ويو آهي جيڪا عالمي  واپاري ڪمپني بي بي انرجي سان لاڳاپيل آهي . توانائي واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برآمدي ڪچو واپاري تيل نيسوس ڪرسٽيانا ٽينڪر ذريعي منتقل ڪيو ويو . رياض الجوباسي موجب ڪچو تيل شام جي مختلف ذخيرن مان ڪڍيو ويو. شام جا وڌيڪ تيل جا ذخيرا اتر اوڀر علائقن ۾ آهن . جيڪي قيادت جي انتظام هيٺ هن . ياد رهي ته شام 2010 ع ۾ 3 لک 80 هزار بيرل تيل روزانو برآمد ڪيو جڏهن ته بشارالاسد خلاف شروع ٿيل احتجاجي تحريڪ گهرو ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي جنهن ملڪ جي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهچايو . گهرو ويڙهه دوران آمريڪي ۽ يورپي پابندين توانائي جي برآمد ۽ درآمد کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو جڏهن ته هلندڙ سال جون ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تحت شام تي لاڳو آمريڪي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪمپنين شام جي تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ پيداوار لاءِ جامع منصوبه بندي شروع ڪري ڇڏي آهي . هوڏانهن شام دبئي  جي ڪمپني ڊي پي ورلڊ سان 800 ملين ڊالر ماليت جو هڪ معاهدو به ڪيو آهي جنهن تحت طرطوس بندرگاهه تي ڪثير المقصد ٽرمينل جي تعمير ۽ انتظام شامل آهن .