گڏيل قومون -02سيپٽمبر (اي پي پي)  گڏيل قومن  افغانستان ۾ زلزلي متاثرين لاءِ 50 ملين ڊالر هنگامي امداد جو اعلان ڪيو آهي ، هنگامي امداد گڏيل قومن جي سينٽرل ايمرجنسي رسپانس فنڊ مان  جاري ڪئي ويندي ته جيئن افغانستان ۾ سخت زلزلي جي متاثرين جي هنگامي مدد ڪري سگهجي، زلزلي ۾ 800 کان وڌيڪ ماڻهو فوت  ۽ 2800 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري  جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جاري ڪيل بيان ۾ چيو  آهي ته افغانستان ۾ زلزلي متاثرين لاءِ هڪ هنگامي اپيل تيار ڪئي پئي وڃي ۽ سي اي آر ايف کان 50 لک ڊالر جي شروعاتي رقم جاري ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ گڏيل قومن جي ٽيم متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي جڏهن ته هن وقت موجود فنڊ انهن جي سڀني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته هو متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن افغانستان جي زلزلي متاثرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي زلزلي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين  جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته 31 آگسٽ تي هندوڪش جي علائقي ۾ 6.2 شدت جي زلزلي سبب ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا ، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري ڪيترائي رستا بند ٿي ويا آهن ۽ مواصلاتي نظام متاثر ٿيو هو. جڏهن ته جبلن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن .