اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) بيلجيئم جي پرڏيهي وزير ميڪسم پريوٽ اعلان ڪيو آهي ته بيلجيئم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين کي هڪ رياست طور تسليم ڪندو . پرڏيهي وزير ميڪسم پريوٽ  جيڪو بيلجيئم جو نائب وزيراعظم پڻ آهي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته سندس ملڪ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو ۽ اسرائيلي حڪومت خلاف سخت پابنديون لاڳو ڪندو. هن اسرائيل خلاف پابندين جي وضاحت ڪندي  چيو ته اسرائيل کي  بيلجيئم پاران 12 پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو  جن ۾ قبضي هيٺ اولهه ڪناري ۾ غير قانوني اسرائيلي آبادين مان شين جي درآمد تي پابندي ۽ اسرائيلي ڪمپنين سان گڏ سرڪاري خريداري پاليسين جو جائزو شامل آهي . هن چيو ته بيلجيئم فلسطين ۾، خاص طور تي غزه ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي روشني ۾ اهو  اعلان ڪري رهيو آهي . هن چيو ته اسرائيل خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ جو سبب غزه جي صورتحال آهي، جتي اسرائيلي حملي سبب آبادي جو وڏو حصو بي گهر ٿي ويو آهي ۽ گڏيل قومن اتي ڏڪار جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي قانون جي خلاف ورزي، نسل ڪشي جي خطري ۽ ان جي بين الاقوامي ذميوارين کي نظر ۾ رکندي، بيلجيم کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا جن جو مقصد غزه ۾ جنگ جي ڌرين تي دٻاءُ وڌائڻ آهي . ياد رهي ته بيلجيم جي وزيراعظم بارٽ ڊي ويور گذريل مهيني چيو هو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ کي سخت شرطن سان ڳنڍڻ گهرجي. ان کان اڳ فرانس، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا پڻ هلندڙ مهيني فلسطيني رياست کي مشروط طور تي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانس ۽ سعودي عرب 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران فلسطين کي تسليم ڪرڻ  جي حوالي سان هڪ اجلاس جي گڏيل ميزباني ڪندا. جاري سال دوران  اٽڪل 147 ملڪ، جيڪي گڏيل قومن جي ميمبرن جو 75 سيڪڙو آهن  فلسطيني رياست کي تسليم ڪري چڪا آهن. اسرائيل ۽ آمريڪا فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي شروعات ڪندڙ ملڪن تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ فرانس جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان کي هڪ لاپرواهي تي ٻڌل  فيصلو قرار ڏنو آهي.